امرت جو ڪلش

امرت جو ڪلش (ڪتاب ):سنڌي ٻوليءَ جي ڪهنه مشق شاعر ڊاڪٽر ارجن ’سڪايل‘ جي شاعريءَ (اَڇند ڪوتا) جو ڪتاب، خوبصورت ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي 87 صفحن تي مشتمل آرٽ اينڊ اميج، 212، الائيڊ انڊسٽريل اسٽيٽ ماهيم ممبئيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن 2000ع ۾ ڇپيل ڪتاب جي قيمت -/60 روپيا آهي. ڪتاب جي خوبصورت ارپنا هن ريت ڪيل آهي:
ڀڳت ڪنور فرمايو؛
’آءُ! ڪانگا ڪر ڳالهه، مون کي تن ماروئڙن جي.‘
پارو چاولا ڳائيندي آهي؛
’ڪانگا، ڪانگا، او ڪانگا!‘
ارجن سڪايل‘ لکيو هو؛
ٻائي جي کوهه مٿان سرنهن جي وڻ تي ويٺل ڪانءَ سپني ۾ اچي منهنجي ڳوٺ ’سڌوجا‘ جي ڳوٺاين جا نياپا ڏئي ويندو آهي.
هيءُ ڪتاب پڻ
اهڙي ڪانءَ جي نالي!


هن صفحي کي شيئر ڪريو